شاهه جي رسالي جا مختلف ٻولين ۾ ترجما

شاهه جي رسالي جا مختلف ٻولين ۾ ترجما
بلوچي:
1‘شاهه لطيف گُشيت’ (شاهه لطيف جي 95 بيتن جو منظوم بلوچي ترجمو): گل خان نصير، بلوچي اڪيڊمي، 1983ع
براهوي:
1 ‘چمنِ لطيف’ (سُر ڪلياڻ جو منظوم براهوي ترجمو): جوهر بروهي، براهوي پبليڪيشن، فريدآباد، 1976ع
گجراتي:
1. ‘رسالو شاهه لطيف جو’ (گجراتي ترجمو): شاهه جي رسالي جو هي گجراتي ترجمو، ڊيمي سائيز جي 203 صفحن تي مشتمل آهي. رسالو برک گجراتي اديب ۽ شاعر ‘دليراءِ ڪاراڻيءَ’ ڪيو آهي. ڪتاب فاضل ليکڪ، احمدآباد (انڊيا) مان ڇپرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو